Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 شروعات ۾ مون پنهنجي عهد ۾ اوهان جي وڏن جون زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سلامتي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهي مون کين انهيءَ لاءِ عطا ڪيون تہ جيئن اهي شڪرگذاريءَ سان منهنجي بندگي ڪندا رهن. سچ پچ تہ هنن ائين ئي ڪيو ۽ منهنجي تعظيم بہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا! تو منهنجيون باسون پوريون ڪيون آهن، ۽ مون کي انهن جي ميراث ۾ شريڪ ڪيو اٿيئي، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس.


جڏهن هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس هي ڏٺو تڏهن هو گڏ ٿيل ماڻهن منجھان اُٿي هليو. هن پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيو


۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي.


”هاڻ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ وقف ڪر ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جي چوپائي مال کي منهنجي لاءِ وقف ڪر. لاوي مون خداوند جا ٿيندا. آءٌ خداوند آهيان.


ان کان پوءِ ئي اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ