ملاڪيءَ 2:16 - Muslim Sindhi Bible16 خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.