ملاڪيءَ 1:9 - Muslim Sindhi Bible9 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اي ڪاهنؤ! اوهين جيڪڏهن اهڙيءَ طرح مون خدا کان مهرباني گھرندا رهندا تہ ڇا آءٌ اوهان تي رحم ڪندس ۽ اوهان جي هٿن جي اهڙين قربانين سان ڇا آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 ۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“