Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:14
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ڏسي ۽ خبر پئجي وڃيس تہ آءٌ ساڻس ٺڳي ٿو ڪريان، تہ پوءِ اهڙيءَ طرح آءٌ دعا جي عيوض پاڻ تي بددعا آڻيندس.“


تنهن تي بادشاهہ اُروناہ کي چيو تہ ”ائين نہ ٿيندو، بلڪ آءٌ مُلهہ ڏيئي اهي تو کان خريد ڪندس. آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش نہ ڪندس، جن لاءِ مون ڪجھہ بہ خرچ نہ ڪيو هجي.“ سو دائود اَن ڳاهڻ وارو اهو پِڙ ۽ ڏاند چانديءَ جي پنجاهہ سڪن ۾ خريد ڪيا.


ان وقت خداوند صيئون کي وري تعمير ڪندو، ۽ ائين هو پنهنجي عظمت ظاهر ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ خداوند تعاليٰ ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪمِ اعليٰ آهي. قومن کي گھرجي تہ اهي کانئس ڊڄن.


بيشڪ هن ئي قومن کي اسان جي تابع ڪيو آهي. هائو، هن انهن کي اسان جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.


خدا قومن مٿان حڪومت ڪري ٿو، هو پنهنجي پاڪ تخت تي ويٺو آهي.


سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي.


اي خدا! تون پنهنجيءَ مقدس جاءِ ۾ ڪيڏو نہ هيبتناڪ آهين، اي بني اسرائيل جا خدا! تون پنهنجيءَ قوم کي زور ۽ طاقت بخشين ٿو. شال خدا سڳورو هجي.


هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي.


خداوند ئي عظيم خدا آهي. هو ئي سڀني معبودن جي مٿان عظيم بادشاهہ آهي.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.


هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.


تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو.


خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.


سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


جڏهن اوهين انڌن جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها بڇڙائي ناهي؟ جڏهن اوهين منڊن ۽ بيمار جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها ڪا خرابي ڪانهي؟ هاڻي اهڙي قسم جون قربانيون جيڪڏهن اوهين پنهنجي گورنر کي ڏيو، تہ ڇا اهو اوهان مان راضي ٿيندو ۽ اوهان تي مهربان ٿيندو؟“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي،


انهيءَ ڪري اوهين سخت لعنتي آهيو، ڇوجو اوهان، بلڪ اوهان جي سڄي قوم مون سان ٺڳي ٿي ڪري.


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا جي پيرن جي صندلي آهي. اوهين نہ يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو وڏي بادشاهہ خدا جو شهر آهي


هن عورت کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي جسم تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي.


تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي خبر ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بي‌وفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


جيڪڏهن اوهان هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا ۽ انهيءَ جلالي ۽ هيبتناڪ نالي يعني خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندا نہ رهندا،


خدا پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي خدا مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آهي ۽ جيڪو بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ