Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بي‌ادبي ٿا ڪريو تہ ’خداوند جي قربان‌گاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ جيئن تہ اهو ڪم ڪري تو خداوند جي نالي کي خسيس سمجھيو آهي. سو جيڪو ٻار تو کي ڄائو آهي سو ضرور مرندو.“


جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل قربان‌گاهہ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. اها ڏيڍ ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر چورس هئي. انهيءَ جا ڪُنڊن وارا ٿنڀا، پاوا ۽ پاسا سڀيئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها ميز آهي جيڪا خداوند جي حضور ۾ رکيل هوندي آهي.“


رڳو اهي ئي منهنجي هيڪل جي عمارت ۾ داخل ٿيندا، منهنجي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا ۽ هيڪل اندر منهنجي لاءِ مقرر ڪيل ڪم پورا ڪندا.


ٻڌو اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻڌو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اچي اوهان جي مدد ڪري.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.


اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.


اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ