Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن عيسيٰ بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آهي،“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هاڻي اهو سڄو احوال چوٿينءَ پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي ڪَن پيو، ۽ هو ڏاڍو اچي مُنجهيو، جو ڪن پئي چيو تہ يوحنا مُئن مان جي اُٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جڏهن يسوع بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يوحنا مئلن مان جيوت ٿيو آهي،“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 हाकिम हेरोद इयो सब बु॒धी करे मुंझी प्यो, छोके कुछ मांणू चवन पया, के यूहन्ना बपतिस्मा डि॒यण वारो मुअलन मां जी उथ्यो आहे,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ھاڻي جڏھن سڄو احوال گليل جي حاڪم ھيروديس جي ڪن تي پيو تہ ھو ڏاڍو اچي پريشان ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ڪن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا.


خداوند، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.


بلڪ جيڪي بہ انهن مان نيڪ ۽ سچا سمجھيا وڃن ٿا، سي بہ ڪنڊي ڪانڊيري جي ٻوٽي مثل خراب آهن. انهيءَ ڪري اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن خدا انهن کي سزا ڏيندو، جنهن بابت سندن نگهبانن يعني نبين جي معرفت خدا کين اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. سزا واري ڏينهن انهن کي حيراني وَ پريشاني وٺي ويندي.


هاڻي جڏهن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانهن موڪليا.


انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“


ايتري ۾ ڪن فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”هتان نڪري هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ هيروديس حڪمران اوهان جي مارائڻ جي پويان آهي.“


”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو.


جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي حد جو آهي، تڏهن عيسيٰ کي ان ڏانهن موڪليائين جيڪو پڻ انهن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ هو.


تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.


شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين الياس آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آهيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ