Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:43 - Muslim Sindhi Bible

43 سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني شاگردن کي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ سڀيئي خدا جي وڏي قدرت ڏسي حيرانيءَ ۾ پئجي ويا. پر جڏهن سڀني ماڻهن هن جي ڪمن تي عجب پي کاڌو، تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

43 तड॒ऐं सब मांणू परमेश्वरअ जो एड़ो सामर्थ डि॒सी ताजुब करण लगा॒। जड॒ऐं मांणू येशुअ जे सबनिन कमन खे डि॒सी ताजुब प्या कन, त उहो पांजे चेलन खे चवण लगो॒,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:43
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي عجيب طرح سان جوڙيو آهي. بيشڪ تنهنجا ڪم بيحد عجيب آهن، ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي پورو يقين آهي.


ٿي سگھي ٿو تہ اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن کي انهن ڏينهن ۾ عجيب لڳي، پر ڇا اها مون خداوند لاءِ عجيب هوندي؟


پوءِ جڏهن سڀيئي شاگرد گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انهن کي ٻڌايو تہ ”ابنِ آدم جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.


پوءِ عيسيٰ اچي انهن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بند ٿي ويو. اهو ڏسي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا،


تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.


اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“


سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“


شمعون سان گڏوگڏ سندس ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، بلڪ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. تنهن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون مڇين بدران ماڻهن کي هٿ ڪندين.“


تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو ايمان ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي شاگرد ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ