Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:32 - Muslim Sindhi Bible

32 ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 هاڻي پطرس ۽ سندس سنگتي ننڊاکڙا هئا: ۽ جڏهن سجاڳ ٿيا، تڏهن سندس جلال ڏسڻ ۾ آين، ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس بيٺل ڏٺائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن يسوع جي جوت ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

32 पतरस ऐं उन जा साथी भारी निंडअ में हुवा; जड॒ऐं उहे पूरी तरह सुजा॒ग थ्या, त उनन येशुअ जी महिमा खे ऐं उन बि॒न मांणुन खे हुन सां गड॒ बीठल डि॒ठऊं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ان وقت پطرس ۽ سندس سنگتي اگھور ننڊ ۾ ھئا ۽ جڏھن جاڳيا، تڏھن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻھو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.


مون انهيءَ هستيءَ جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهو ٻڌندي ئي آءٌ منهن ڀر زمين تي ڪري پيس ۽ مون کي گَهري ننڊ وٺي ويئي.


جڏهن هو اهو ڳالهائي رهيو هو، تڏهن آءٌ گَهري ننڊ جي حالت ۾ منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو هئس. سو هن مون کي وٺي سڌو ڪري بيهاريو.


پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ شاگرد وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو خبر ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ