Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:29 - Muslim Sindhi Bible

29 جيئن ئي هو دعا گھري رهيو هو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 جيئن ئي هو پرارٿنا ڪري رهيو هو تہ سندس روپ بدلجي پيو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

29 जींहईं उहो प्रार्थना करे रयो हो, त हुन जो चहेरो स्वर्ग॒अ जी महिमा में बदल जी वयो ऐं संदस जा कपड़ा सफेद थी करे चमकण लगा॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 جيئن ئي ھو دعا گھري رھيو ھو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:29
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اوهين هڪ دفعو ٻيهر وڏي شان واري بادشاهہ کي ملڪ تي بادشاهي ڪندي ڏسندا. سندس بادشاهت هر طرف پري پري تائين پکڙيل هوندي.


پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.


اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.


انهيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻي صورت ۾ شاگردن مان ٻن ڄڻن کي ڏيکاري ڏني، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا.


هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يحيٰ کان بپتسما پئي ورتي تڏهن عيسيٰ بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي دعا ٿي گھريائين تہ آسمان کُلي پيو


پوءِ بہ هو وقت ڪڍي دعا گھرڻ لاءِ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو.


هڪڙي ڏينهن عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاريائين.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رهيو هو ۽ سندس شاگرد ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“


اتي جو اتي ٻہ شخص عيسيٰ سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي موسيٰ ۽ الياس نبي هئا،


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


تڏهن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن ملائڪ جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ