Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:54 - Muslim Sindhi Bible

54 پوءِ عيسيٰ ڇوڪريءَ جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اُٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 پر هن سندس هٿ جهلي سڏي چيو، تہ اي نينگر، اُٿ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

54 پوءِ يسوع ڪنيا جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي ڪنيا! اُٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

54 परअ येशुअ उन छोकरीअ जो हथ पकड़े करे जोर सां वडे॒ आवाजअ सां चयईंस, “हे छोकरी उथ!”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:54
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن عيسيٰ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي.


عيسيٰ هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.


عيسيٰ انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“


پر عيسيٰ کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو.


پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.


تڏهن هن ۾ وري ساهہ اچي پيو ۽ هوءَ هڪدم جيئري ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي. عيسيٰ حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“


جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي زندگي ڏئي ٿو.


پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابراهيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آهي.“ اهو واعدو سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابراهيم جو ايمان انهيءَ خدا تي هو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ