لوقا 8:50 - Muslim Sindhi Bible50 پر عيسيٰ هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک تہ هوءَ بچي پوندي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible50 پر يسوع هي ٻڌي کيس وراڻي ڏيئي چيو، تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک، تہ هوءَ بچي پوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible50 پر يسوع هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک تہ هوءَ بچي پوندي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible (India)50 येशुअ इयो बु॒धी करे उन खे चयईं, “ड॒क न। खाली विश्वास रख त उहा बची वेंदी।” အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament50 پر عيسيٰ ھي ٻڌي کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک تہ ھوءَ بچي پوندي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.