Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:48 - Muslim Sindhi Bible

48 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 ۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

48 येशुअ उन खे चयईं, “पुटरी, तुंजे विश्वासअ तोखे ठीक कयो आहे इन करे सुकुन सां हली वञ।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 عيسيٰ چيس تہ ”اي ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:48
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع کيس چيو تہ ”تون دلجاءِ ڪري هليو وڃ.“ پوءِ هو وٽانئس هليو ويو. جڏهن نعمان اڃان ٿوري ئي پنڌ تائين ويو هو تہ


تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“


هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي فتح نہ ڪرائي.


پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.


ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“


تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


پوءِ هن کي چيائين تہ ”اُٿ ۽ هليو وڃ، تنهنجي ايمان تو کي بچايو آهي.“


عيسيٰ چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آهي.“


جڏهن تہ عيسيٰ انهيءَ عورت کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي ايمان تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“


جڏهن عورت ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.


جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس عيسيٰ مسيح تي ايترو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.


آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“


ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيس تہ ”سلامتيءَ سان وڃ. شل بني اسرائيل جو خدا تنهنجي اها مراد پوري ڪري جيڪا تو کانئس گھري آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ