Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:43 - Muslim Sindhi Bible

43 انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 انهن ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

43 हिकअ स्त्री हुई जेंखे बा॒रहन सालन खां रत वहण जी बीमारी हुई। उन पांजे इलाज़अ में पांजो सब कुछ डाक्टरन खे ड॒ई छड॒यो वईं परअ उहा किथां बी ठीक न थी हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:43
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال آسا کي پيرن ۾ اچي مرض لڳو. جيتوڻيڪ سندس اهو مرض تمام سخت هو، تڏهن بہ هن انهي بيماريءَ ۾ خداوند کان مدد نہ گھري، بلڪ حڪيمن کان مدد وٺندو رهيو.


اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو.


دشمنن جي مقابلي ۾ تون اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ انساني مدد بلڪل اجائي آهي.


سو فاني انسان تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن انسان جو ساهہ ڪنهن بہ وقت نڪري سگھي ٿو، تنهن مان مدد جي ڪهڙي اميد رکي ٿي سگھجي؟


ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن رن‌زال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“


جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي شاگردن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“


اتي هڪڙي عورت هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي.


تڏهن هيءَ عورت جيڪا ابراهيم جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“


جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.


هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي. پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.


اها عورت عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.


جيئن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو.


پر اسان کي اها خبر ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“


اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني.


جيڪو ماڻهو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ