لوقا 8:32 - Muslim Sindhi Bible32 ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن عيسيٰ کي وري منٿ ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو هن کين موڪل ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 هاڻي اُتي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو، پوءِ اُنهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان کي هنن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي. تنهن تي هن کين موڪل ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible32 ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن يسوع کي وري وينتي ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي آگيا ڏيو.“ سو هن کين آگيا ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible (India)32 उते थोड़ो ही परते पहाड़ीअ ते हिक वडो॒ सूअरन जो झुण्ड चरे रयो हो। दुष्टआत्माउन येशुअ खे मिंथूं करे चयो, के उहो उनन खे सूअरन जे अंदर घिरी वञण जी इज़ाजतअ डे॒। सो येशुअ उनन खे इन जी इज़ाजतअ डि॒नी। အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament32 ڀرسان ھڪڙو سوئرن جو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو. پوءِ ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي ھنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو ھن کين موڪل ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.