Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:41 - Muslim Sindhi Bible

41 تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 تنهن تي هن چيو، تہ هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا، هڪڙي کي پنج سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ ٻئي کي پنجاهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 تنهن تي يسوع چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 येशुअ उन खे चयईं, “हिकड़े लेणेदारअ जा ब॒ कर्जदारअ हुवा। उनन मां उन लेणेदारअ जो हिकअ ते पंसओ दिनारअ ऐं बे॒ जे मथां पंजा दिनारअ जो कर्ज हुयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙي لھڻيدار جا ٻہ قرضدار ھئا. ھڪڙي ڏانھن پنج ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا ھئس ۽ ٻئي ڏانھن پنجاھہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:41
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم پنهنجو پاڻ کي يهوداہ ملڪ جي بي‌وفا قوم کان وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي.


”اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو جيڪي قورح جي ٽولي ۾ گڏ ٿي خداوند جي خلاف ٿيا هئا، بلڪ هو پنهنجي ئي گناهہ جي ڪري مري ويو. هن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو.


پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘


اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.


پر عيسيٰ چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“


اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“


پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ گنهگار هئا؟


تڏهن عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”استاد! بيشڪ چئو.“


انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا گناهہ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن گناهہ ڪيا آهن، جنهن ڪري اهي خدا جي جلوي کان محروم آهن.


مطلب تہ شريعت انهيءَ لاءِ آئي تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري گناهہ وڌي. پر جتي گناهہ گھڻو وڌيو اتي خدا جو فضل انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ