Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:40 - Muslim Sindhi Bible

40 تڏهن عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”استاد! بيشڪ چئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 تنهن تي يسوع اُنهي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي شمعون، توکي ڪي چوڻو اٿم. هن چيو، تہ اُستاد بيشڪ چئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 تڏهن يسوع کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”گرو! بيشڪ چئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

40 येशुअ उन खे जवाब डि॒नईंस, “हे शमौनअ, मुखे तोखे कुछ चवणो आहे।” उन येशुअ खे चयईंस, “हा गुरू, चओ।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون چيو تہ ”اي استاد! بيشڪ چئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:40
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ادونياہ وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڪجھہ تو کي چوڻو آهي.“ تڏهن بت‌سبع وراڻيس تہ ”ڀلي چئُہ.“


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘


سو هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي استاد! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


هڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


عيسيٰ انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


تنهن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي.


عيسيٰ کي انهن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. سو هن سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اُٿي ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ هو اُٿي اتي اچي بيٺو.


تنهن تي فريسي، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ.


اوهين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان.


عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟


هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين ايمان آڻيون ٿا تہ اوهين خدا وٽان آيا آهيو.“


هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ