Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:34 - Muslim Sindhi Bible

34 پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ابن آدم کائيندو پيئندو آيو آهي، ۽ اوهين چئو ٿا تہ ڏسو، پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو ساٿي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

34 मांणूअ जो पुट आयो। जेको साधारण मांणूअ वांगुर खाए-पीए प्यो तो, परअ तवां हुन जे बारे में चओ ता, ‘डि॒सो, हे त पेटू ऐं पीयक्‍कड़ आहे ऐं महसूल उगा॒ड़ींदड़अ ऐं पापिन जो दोस्त बी आहे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“


جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


عيسيٰ جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ لڳو.


هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“


پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا.


ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري روزي جي ڪري اڪثر نہ ماني ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘


پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“


هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ هلي دعوت کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو.


اتي عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي ويئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر عيسيٰ ۽ ٻين مهمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو هو.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ