Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي شاهي محلن ۾ هوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ اُچي پهريل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، ۽ عيش ۽ مزي ۾ ٿا گذارين، سي بادشاهي محلاتن ۾ هوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي راجائي محلن ۾ هوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 त पो भला छा डि॒सण वया हुयवअ? छा सुठा महेंगा कपड़ा पातलअ मांणूअ खे? न, डि॒सो, जेके चमकदार ऐं महेंगा कपड़ा पाईंदा आइन उहे मजे ऐं एशो-आरामअ सां महेलन में रवंदा आइन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڄ آءٌ اسي سالن جو آهيان. ڇا آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان ٿو؟ ڇا اوهان جي هن ٻانهي کي کائڻ يا پيئڻ مان ڪو مزو اچي سگھي ٿو؟ ڇا آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ عورتن جو آواز ٻڌي سگھان ٿو؟ تہ پوءِ ڇو اوهان جو ٻانهو پنهنجي آقا بادشاهہ تي بار ٿي پوي؟


سندس دسترخوان جا طعام، سندس عملدارن جو ويهڻ، سندس خدمتگارن جو پنهنجي وردي ۾ حاضر رهڻ، سندس ساقي ۽ خداوند جي هيڪل ۾ جيڪي سليمان ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون ٿي سي سڀ ڏٺائين تہ هوش هواس اڏامي ويس.


هنن وراڻيو تہ ”هن کي جسم تي گھڻا وار هئا ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هئس.“ بادشاهہ چيو تہ ”اهو پڪ الياس تشبي آهي.“


”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.


پنهنجي شاهيءَ جي ٽئين سال، هن پنهنجي سڀني اميرن ۽ وزيرن جي دعوت ڪئي. ان دعوت ۾ فارس ۽ مادئي ملڪن جا فوجي سالار، صوبن جا گورنر ۽ امير امراءَ شريڪ ٿيا هئا.


ان حالت ۾ هو شاهي قلعي جي دروازي تائين بہ اچي پهتو، پر جيئن تہ ڪنهن کي بہ اها اجازت نہ هئي تہ ڪوبہ کٿو ڍڪي شاهي قلعي جي دراوزي کان اندر لنگھي اچي، سو هو اندر نہ ويو.


روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاهن جي محلن ۾ هوندا آهن.


يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو.


عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.


جڏهن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏهن عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟


پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪ نبيءَ کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ