Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:28 - Muslim Sindhi Bible

28 جيڪي اوهان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ دعا گھرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 جيڪي اوهان کي سراپ ڏين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

28 जेके तवां खे पिटिन ता उनन खे तवां आसीसअ डि॒यो; जेके तवां जी बेइज़ती ता कन उनन जे लाए प्रार्थना कयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:28
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ يربعام خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جو تون خاص ٻانهو آهين، تنهن کان منهنجي لاءِ دعا گھر ۽ کيس سوال ڪر تہ منهنجو هٿ وري ٺيڪ ٿي پوي.“ سو انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کان دعا گھري تہ بادشاهہ جو هٿ وري ٺيڪ ٿي ويو ۽ جهڙو اڳي هو تهڙو ئي ٿي پيو.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.


سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.


”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو.


پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.


تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. هائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو.


اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.


ڏسو، ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ