Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:14 - Muslim Sindhi Bible

14 شمعون، جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 يعني شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، ۽ يعقوب ۽ يوحنا، فلپس ۽ برتلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 شمعون، جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 उनन जा नाला इहे आइन, शमौन जेंजो नालो हुन पतरस बी रखयईं ऐं पतरसअ जो भा अन्द्रियास; याकूब ऐं यूहन्ना; फिलिप्पुस ऐं बरतुल्मै;

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 شمعون جنھن جو نالو پطرس رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برٿلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي،


جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون.


هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. عيسيٰ انهن کي سڏيو،


ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.


ان کان پوءِ عيسيٰ عبادت‌خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو.


پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بي‌قراري وٺي ويئي.


عيسيٰ جيڪي ٻارهن ڄڻا چونڊيا سي هي هئا: شمعون، جنهن کي پطرس نالو بہ ڏنائين،


پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي اجازت نہ ڏني.


ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيائين:


متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ”قوم‌پرست“ ڪري چوندا هئا،


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ عيسيٰ آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


تنهن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکاريو. بس اهو ئي اسان کي گھرجي.“


تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“


پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ


جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم‌پرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا.


هن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ