Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:32 - Muslim Sindhi Bible

32 آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنهگارن کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي توبهہ جي لاءِ سڏڻ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 آءٌ نيڪن کي نہ، پر پاپين کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

32 मां उनन खे, जिन खे इयो एहसास आहे के असां खे पापन मां तौबां करण जी ज़रूरतअ आहे, सड॒ करण आयो आयां उनन खे न जेके पांजे पाण खे सही ता समझन।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:32
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“


انهن ڏينهن ۾ برابا نالي هڪ ماڻهو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ هو جن هڪڙي فساد ۾ خون ڪيا هئا.


عيسيٰ هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ گنهگار جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آسمان تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“


ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


تنهن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي.


ڪن ماڻهن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن ۽ دعائون گھرندا آهن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا شاگرد تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“


خدا جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي گناهن جي معافيءَ لاءِ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح عطا ڪيو ويندو.


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ خدا ڏانهن اچو تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن،


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ سندن گناهہ بخشي ڇڏي.


خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ