Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن نيم شاسترين ڪُرڪندي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

30 इन ते फ़रीसी ऐं धर्मशास्त्रिन जो झुण्ड कुड़कुड़ाए करे येशुअ जे चेलन खे चवण लगो॒, “तवां छो महसूल उगा॒ड़ींदड़अ ऐं पापिन सां गड॒ खाओ-पीओ प्या ता?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ اهي ٻين کي چون ٿا تہ ’پري ٿي بيهو، اسان جي ويجھو نہ اچو، ڇاڪاڻ تہ اسين اوهان کان پاڪ آهيون.‘ اهي ماڻهو منهنجي نڪ ۾ اهڙي دونهين مثل چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪو ڪنهن دکندڙ باهہ مان نڪرندي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان بس نہ ٿو ڪري.


جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


جڏهن تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي ريتن رسمن موجب، جيستائين پنهنجا هٿ پنهنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آهن


عيسيٰ انهيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوهين منهنجي شاگردن سان ڪهڙيءَ ڳالهہ تي بحث ڪري رهيا آهيو؟“


فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“


هڪڙي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن گھر ۾ تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان گڏ هوندي هئي،


تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“


پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘


تنهن تي فريسي، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“


سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن روح يا ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ