Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:26 - Muslim Sindhi Bible

26 سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا؛ ۽ ڏاڍو ڊپ وٺي وين، تہ اڄ اسان هڪ عجب رنگ ڏٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

26 इयो डि॒सी सबनिन मांणुन खे ताजुब थ्यो ऐं उहे परमेश्वरअ जी स्तुति करण लगा॒ ऐं डा॒ढो ड॒की करे इंय चवण लगा॒, “अज॒ असां अद्भुत गा॒ल्यूं थींदे डि॒ठियूं आइन।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


هي ڏسي سڄي خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا هي اهو تہ نہ آهي جيڪو دائود جي نسل مان اچڻ وارو آهي؟“


تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون


جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!


تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“


تڏهن سندن آس‌پاس ۾ سڀني رهڻ وارن تي ڊپ ڇانئجي ويو. يهوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ اهي ڳالهيون پکڙجي ويون.


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“


گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو.


تنهن تي ڪائونسل وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب خدا جي واکاڻ ڪري رهيا هئا.


سو اهي منهنجي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ