Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:22 - Muslim Sindhi Bible

22 عيسيٰ انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر يسوع سندن دل جا دليل سهي ڪري جواب ڏيئي چين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ ڪهڙا دليل ٿا ڊوڙايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 يسوع انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 येशुअ उनन जे दिल जी गा॒ल्यूं जा॒णे वरतईं सो इन करे उनन खे चयईं, “तवां पांजे दिल में इयो छो सोचे रया आयो?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


تون منهنجي اٿڻ ۽ ويهڻ کان واقف آهين، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجھي وٺين ٿو.


بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ڪمن ۽ خيالن کي ڄاڻان ٿو. سو اهو وقت اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ انهن سڀني قومن ۽ مختلف ٻولين وارن کي آڻي گڏ ڪندس. اهي ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسي


خداوند ياجوج کي اهو بہ فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ هڪڙو برو منصوبو رٿيندين.


جڏهن عيسيٰ کي فريسين جي سازشن جي خبر پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن شفا ڏني


عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.


عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟


پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟


تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“


ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ