Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري موٽائي خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. عبادت‌خاني ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پوءِ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنائين، ۽ پاڻ ويهي رهيو: ۽ عبادتخاني ۾ سڀني جون اکيون وڃي منجهس کُتيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ يسوع شاستر بند ڪري موٽائي سيواداريءَ کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

20 उन खां पो येशुअ किताबअ खे बंद करे सेवकअ जे हथअ में डि॒नईं ऐं पाण वई रयो; ऐं प्रार्थना-घरअ जा सब मांणू हुन खे चिताए डि॒सण लगा॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويھي رھيو. عبادت⁠خاني ۾ سڀيئي ھن کي چتائي ڏسن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو.


پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.


کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ


تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“


سو عيسيٰ انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي تعليم ڏيڻ لڳو.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي عبادت لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن عورتن سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون.


پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي قدرت ۽ دينداريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ