Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

18 “प्रभुअ जी आत्मा मुंजे मथां आहे, छोके ग़रीबन खे ख़ुशख़बरी बु॒धाएण जे लाए हुन मुंजो अभिषेक कयो आहे ऐं मुखे इन करे मोकल्यो वयो आहे, के जेके कैदअ में आइन उनन खे रिहाई ऐं जेके अंधा आइन उनन खे दृष्‍टि पाइण जो समाचार डि॒यां ऐं जेके सतायलअ आइन उनन खे छडा॒यां,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:18
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


هن جلاوطنن جون آهون ٻڌي نگاهہ ڪئي آهي، تان‌تہ هو انهن کي ڇڏائي جيڪي موت جي منهن ۾ آهن.“


ٽٽل دلين کي هو ئي شفا بخشي ٿو، انهن جي زخمن کي هو ئي پٽيون ٻڌي ٿو.


خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دل‌شڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو.


تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي.


اي خدا! منهنجو نماڻو روح تو لاءِ منهنجي قرباني آهي. اي خدا! تون نماڻي ۽ پشيمان دل کي حقير نہ ٿو ڄاڻين.


پوءِ ڪابہ اک ۽ ڪوبہ ڪن بند رهڻ جي بجاءِ، سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳندو.


ان وقت انڌا ڏسي سگھندا، ۽ ٻوڙا ٻڌي سگھندا.


تون انڌن جون اکيون روشن ڪندين، ۽ انهن قيدين کي زندان مان ڪڍندين، جيڪي اونداهين ۾ قيد آهن.


مون پنهنجي سچائيءَ موجب ئي خورس کي اٿاري کڙو ڪيو آهي. آءٌ هن جا سڀ رستا سنواريندس. هو منهنجي شهر يروشلم کي وري تعمير ڪرائيندو، ۽ منهنجي قوم جي جلاوطن ٿيلن کي ڪنهن قيمت يا رشوت کان سواءِ ئي ڇڏائيندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ قيدين کي چوندس تہ ’هاڻي اوهين آزاد آهيو،‘ ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوندس تہ ’ٻاهر نڪري روشنيءَ ۾ اچو.‘ اهي اهڙين رڍن وانگر ٿيندا، جيڪي رستي ۾ هر هنڌ چرنديون وتنديون آهن، ۽ سڀيئي ٽڪريون انهن لاءِ چراگاهون هونديون.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس، جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.


سو اهو عهد ان ڏينهن تي ئي منسوخ ٿي ويو. تڏهن رڍن جي واپارين اهو سڀ ڏسي سمجھي ورتو تہ هي خداوند جو پيغام آهي.


پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


”ڏسو، هي منهنجو ٻانهو آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي فتح نہ ڪرائي.


اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.


کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ


عيسيٰ پنهنجي شاگردن ڏانهن نهاري چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي غريب آهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي آهي.


سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).


آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ڌرتيءَ جا بادشاهہ اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي خداوند ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ