Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سو هو اردن درياءَ جي آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ منادي ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن گناهن جي معافي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هو يردن جي اوسي پاسي واري سموري ملڪ ۾ ويو، ۽ گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي بپتسما جي منادي ڪرڻ لڳو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 سو هو اردن درياءَ جي آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن پاپن جي معافي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

3 उहो यरदन नदीअ जे आसे-पासे जे सबनिन क्षेत्रन में वञी प्रचार करण लगो॒, के पांजे पापन खां तौबां कयो ऐं बपतिस्मा वठो त तवां खे परमेश्वरअ जे तरफां पापन मां माफ़ी मिलंदी।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ھو اردن درياءَ جي چوطرف ساري علائقي ۾ ويو ۽ ماڻھن ۾ تبليغ ڪيائين تہ ”توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوھان کي پنھنجن گناھن جي معافي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 3:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي خداوند سندن خدا ڏانهن ڦيرائيندو.


۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن گناهن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿا.


عيسيٰ اردن درياءَ کان پاڪ روح سان ڀريل موٽيو ۽ پاڪ روح جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي ابليس هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.


اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ بيت‌عنياہ ڳوٺ ۾ ٿيون جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف آهي، جتي يحيٰ بپتسما ڏيئي رهيو هو.


سو اهي يحيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي استاد! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“


عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ منادي ڪئي تہ توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو.


تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يحيٰ تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“


تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي وڃن.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ