Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 3:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن يسوع پاڻ بہ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر هيس، (۽ ماڻهن جي ليکي) يوسف جو پٽ هو، ۽ يوسف عيليءَ جو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جڏهن يسوع پاڻ سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. يسوع کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

23 जड॒ऐं येशुअ पाण सिख्या डि॒यण शुरू कयईं, त उहो लगभग टीएं साले जो हो, (इयो मांणुन द्वारा समझो वेंदो हो के) उहो पुट आ यूसुफअ जो; ऐं यूसुफ एलीअ जो,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 جڏھن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏھن سندس عمر اٽڪل ٽيھہ ورھيہ ھئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو ھو، يوسف پٽ عيليءَ جو ھو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 3:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


دائود جي عمر ان وقت ٽيهہ سال هئي جڏهن هو بادشاهہ ٿيو. هن چاليهہ سال بادشاهي ڪئي.


جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق آهن.


عيسيٰ مسيح جيڪو دائود ۽ ابراهيم جو اولاد آهي، تنهن جو شجرو هي آهي.


يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.


يسيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


سندس ماءُ پيءُ کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماءُ چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“


الياقيم پٽ ملي‌آہ جو، ملي‌آہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متتاہ جو، متتاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو،


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ عيسيٰ آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو عيسيٰ نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماءُ پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آهيان؟‘“


محترم ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين ڪتاب ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي عيسيٰ پنهنجي خدمت واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا رسول ڪري چونڊيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ