Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 24:50 - Muslim Sindhi Bible

50 پوءِ عيسيٰ انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ برڪت گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 ۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

50 پوءِ يسوع انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ آسيس گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

50 उन खां पो येशु पांजे चेलन खे यरूशलेम शहेरअ खां ॿाहिर बेतनिय्याह गामड़े जे वेझो वठी वयो ऐं उते हुन पांजा हथअ खणी उनन खे आसीसअ डि॒नईंन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيت⁠عنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 24:50
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ منهنجي لاءِ لذيذ کاڌو تيار ڪر، جهڙو مون کي وڻندو آهي. اهو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ کاوان ۽ مرڻ کان اڳ ۾ دل سان تو کي دعا ڏيان.“


يوسف ورندي ڏنس تہ ”هي منهنجا پٽ آهن، جيڪي خدا مون کي هتي مصر ۾ ڏنا آهن.“ يعقوب چيس تہ ”انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين خير جي دعا ڏيان.“


بني اسرائيل جا ٻارهن قبيلا اهي ئي آهن ۽ سندن وڏن مان هر هڪ کي يعقوب سندس لاءِ مناسب دعا ڏيندي اهي ئي ڳالهيون چيون.


اهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، ساڙڻ واري قرباني ۽ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ بعد هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي کين دعا ڪئي ۽ قربان‌گاهہ تان هيٺ لهي آيو.


پوءِ عيسيٰ انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت‌عنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو.


پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين دعا ڪيائين.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن شاگردن کي چيو تہ


جيئن ئي هو انهن لاءِ برڪت گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانهن کڄي ويو.


پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو.


اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن.


جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ