Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 24:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيئرو آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيوت آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

5 इयो डि॒सी करे उहे डा॒ढो ड॒की वयूं ऐं पांजो सिर हेठ झुकाए छड॒यऊं। हुनन मांणुन स्त्रिन खे चयो, “त जेको जिंदो आहे तेंखे तवां मुअलन में छो त्यूं गो॒ल्यो?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 24:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڇا ڏسان تہ آدمزاد جهڙي هڪڙي شخص اچي منهنجي چپن کي ڇهيو تہ آءٌ ڳالهائڻ جهڙو ٿيس ۽ جيڪو فرشتو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن سان ڳالهائيندي کيس چيم تہ ”اي منهنجا آقا! هن رويا جي ڏسڻ سبب ايتري تہ تڪليف ٿي اٿم جو ڄڻ تہ ويم جهڙن سورن اچي ورتو آهي ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي آهي.


پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“


مريم ملائڪ جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي.


اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن.


هو هتي ڪونهي پر جيئرو ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ


پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي فاني انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پاڪ ڪلام شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيئرو آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


هن مون کي سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ