Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 24:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پاڪ ڪلام سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پوِتر شاستر سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

32 तड॒ऐं उनन पाण में हिकअ-बे॒ खां पुछो, “जड॒ऐं रस्ते में उहो असां सां गा॒लाए प्यो ऐं पवित्रशास्त्र समझाए प्यो, त छा उन वक़्त असां जो दिल आनंद ऐं उत्साह सां न भरजी वयो?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 24:32
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.


منهنجي دل اندر ئي اندر ڳرندي رهي، ۽ منهنجي خيالن پچائيندي پچائيندي اندر ۾ باهہ ٻري ويئي. تڏهن منهنجي زبان مان نڪتو تہ


جهڙيءَ طرح لوهہ لوهہ کي تکو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح انسان هڪٻئي جي ذهن کي سکيا ڏيئي تيز ڪن ٿا.


سُرهو تيل ۽ عطر دل کي فرحت ٿا ڏين، مگر سچي دوستي اڃا بہ وڌيڪ راحت واري آهي.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.


پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.


پوءِ پاڪ ڪلام کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آهي، جسم ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي روح آهن ۽ زندگي بہ.


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين خدا جي بادشاهيءَ بابت سمجھائيندي پولس کين پيغام ٻڌائيندو رهيو، جنهن ۾ عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ