Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 23:49 - Muslim Sindhi Bible

49 جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل عورتون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 ۽ سندس سڀ ڄاڻ پڇاڻ وارا، ۽ اُهي زالون جي گليل مان ساڻس گڏجي آيون هيون، تن پريان بيٺي هي حال ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

49 جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل ناريون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ يسوع کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

49 परअ उहे सबही ज॒णा जेके येशुअ खे जाती तोर ते सुञाणींदा हुवा, जेमें उहे स्त्रीयूं बी शामिल हुयूं जेके गलील क्षेत्रन मां आयूं हुयूं। उहे परयां खां बीह करे इयो सब डि॒सन पयूं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

49 پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 23:49
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن منهنجي مائٽن هٿان مون کي ڌڪاري ڪڍيو آهي، بلڪ منهنجا ڄاڻ سڃاڻ وارا بہ مون کان بيگانا ڪري ڇڏيا اٿائين.


اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِ‌پناهہ ناهي.


منهنجي انهيءَ آفت جي ڪري منهنجا دوست ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، بلڪ منهنجا مٽ مائٽ بہ منهنجي ويجھو نہ ٿا اچن.


تنهنجي هن مصيبت ڏيڻ جي ڪري منهنجا ساٿي ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، هاڻ تہ اونداهي ئي منهنجي ساٿي ۽ رفيق آهي.


مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.


مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.


عيسيٰ جي پٺيان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هو. انهن ۾ ڪي عورتون بہ هيون جيڪي هن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.


جيڪي عورتون گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ عيسيٰ جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي.


ڪي عورتون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ