Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:18 - Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاهي نہ ايندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇو جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين ڪ خدا جي بادشاهت نہ اچي، تيسين آئون ڊاک جي رس مان اڄ کانپوءِ ڪين پيئندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين ايشور جو راڄ نہ ايندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

18 छोके मां तवां खे चवां तो, के अंगूरअ जो रस उन डी॒ंहं ताईं मां वरी न पियंदुम जेसताईं परमेश्वरअ जो राज॒ न अचे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ ھي مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت نہ ايندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:18
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


قادرِمطلق خداوند هن صيئون جبل تي دنيا جي سڀني قومن لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪندو، هائو، اهڙي دعوت جنهن ۾ سڻڀا۽ عمدا شاهي طعام، ۽ عمدي خالص مئي هوندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“


پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن کان پوءِ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ خدا جي بادشاهيءَ ۾ نئين مئي ئي پيئندس.“


هنن عيسيٰ کي اهڙي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ مُرَ نالي نشيدار شيءِ گڏيل هئي، پر هن اُها نہ پيتي.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“


ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھي وٺجو تہ خدا جي بادشاهي اچڻ واري آهي.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اها نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاهيءَ ۾ انهيءَ جو مطلب پورو نہ ٿئي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي نہ ڏسندا.“


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،


پر انگورن جي ول کين چيو تہ ’وڻن مٿان لهرائڻ خاطر ڇا آءٌ پنهنجو رس ڇڏي ڏيان، جيڪو معبودن ۽ انسانن کي خوش ٿو ڪري؟‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ