لوقا 21:24 - Muslim Sindhi Bible24 انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 ۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible24 انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible (India)24 उनन मांणुन मां केत्रन हीं खे त तलवारअ सां मारयो वेंदो। ऐं बि॒यन खे कैद करे अलग-अलग चगं॒न हीं देशन में वठी वयो वेंदो ऐं यरूशलेमअ खे गैरयहूदिन देशन जे द्वारा तेसताईं लताड़ियो वेंदो जेसताईं के उनन जो समय पूरो न थींदो। အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament24 انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.
ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.