Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 20:36 - Muslim Sindhi Bible

36 اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي ملائڪن جهڙا هوندا. هائو، اهي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيئرا ڪيل هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي دوتن جهڙا هوندا. هائو، اهي ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيوت ڪيل هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

36 पो उहे वरी कड॒ऐं मरंदा बी न, बल्कि उहे स्वर्ग॒अ में स्वर्ग॒दूतन वांगुर हुंदा। उहे मौतअ मां जी उथण जे करे परमेश्वरअ जी संतान आइन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 ڇالاءِ⁠جو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 20:36
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.


ڏسو، جڏهن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن خدا جي حضور ۾ رهندڙ ملائڪ آهن تيئن اهي هوندا.


ڏسو، مري ويل جڏهن جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آهن تيئن اهي بہ هوندا.


اهو پاڪ روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آهيون.


سڀني کان آخري دشمن جيڪو ختم ڪيو ويندو سو آهي موت.


اهو ئي حال آهي مئلن جي جيئرو ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فاني حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا واري حالت ۾ جيئرو ٿئي ٿو.


يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جي صورت ملي آهي، تهڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ضرور ملندي.


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين پيغام ڏيندڙن وانگر ۽ هن ڪتاب جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ