Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 20:22 - Muslim Sindhi Bible

22 هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 सो असां खे इयो बु॒धाए छा रोम जे महाराजा खे महसूल डि॒यण सही आहे के न?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 20:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو شهنشاهہ سلامت کي معلوم هجي تہ جيڪڏهن اهو شهر وري تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون پوريون ٿي ويون تہ اهي ماڻهو ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ اوهان کي خراج جي وصوليءَ ۾ نقصان پهچندو.


اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين وڏا ڏوهاري رهيا آهيون. پنهنجن گناهن جي ڪري اسين، اسان جا بادشاهہ ۽ اسان جا ڪاهن ٻين ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾ ڏنا ويا آهيون تہ جيئن جنگ، جلاوطني ۽ ڦرلُٽ سبب اسين شرمندا ٿيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


اڃا ٻين بہ چيو پئي تہ ”اسان پنهنجين ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي ڍل شهنشاهہ کي ڏيڻ لاءِ پئسا اڌارا ورتا آهن.


اسان جي گناهن جي ڪري اسان جي زمين جي اپت جو گھڻو حصو انهن بادشاهن ڏانهن ٿو وڃي، جيڪي تو اسان تي مقرر ڪيا آهن. هو اسان تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي، جيئن وڻين ٿو تيئن اختيار ٿا هلائين. سو اسين ڏاڍي مصيبت ۾ آهيون.“


تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا بادشاهہ ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“


انهن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو.


عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان.‘“


ان کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي ظاهر ٿيو ۽ هن ڪيترائي ماڻهو پنهنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.


تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ