Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:41 - Muslim Sindhi Bible

41 عيسيٰ جا ماءُ پيءُ هر سال عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ هر سال فسح جي عيد تي يروشلم ۾ ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 يسوع جا ماتا پتا هر سال فصح جي تهوار جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 येशुअ जा माता पिता हर साल फसह जे तहेवारअ जे मौके ते यरूशलेम वेंदा हुवा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 عيسيٰ جا ماءُ⁠پيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:41
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.


اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


سال ۾ انهن ٽنهي موقعن تي اوهان جا سڀ مرد، مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.


”پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي مون خداوند جي عيد فصح ملهائي وڃي.


جڏهن عيسيٰ ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب عيد فصح تي اوڏانهن ويا ۽ عيسيٰ ساڻن گڏ هو.


يهودي قوم جي عيد فصح ويجھي هئي، سو ڪيترائي ماڻهو عيد فصح کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پاڪ ڪن.


هاڻ جيئن تہ عيسيٰ کي اها خبر پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجا هئس تن کي هو آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان هڪ ڏينهن اڳ ۾


يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


جڏهن القانہ وري پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند جي آڏو سالياني ۽ باسيل قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سيلا شهر ڏانهن روانو ٿيو،


القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ