Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:38 - Muslim Sindhi Bible

38 اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 اها ناري بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ ايشور جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ايشور طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

38 उन हीं वक़्त उहा उनन जे पासे में अची करे परमेश्वरअ जो धन्यवाद करण लगी॒ ऐं उहा सबनिन खे हुन बा॒रअ जे बारे में बु॒धाएण लगी॒, जेके यरूशलेम जे छुटकारे जे इंतज़ारअ में हुवा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:38
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.


”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي واکاڻ جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس مِهر جي نظر ڪئي آهي.


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رن‌زال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي.


اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي.


بهرحال خدا جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ