Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:36 - Muslim Sindhi Bible

36-37 آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رن‌زال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36-37 آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ هڪ سنتياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي ناري هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال پتيءَ سان گڏ رهي ۽ پوءِ وڌوا ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن وِرت رکڻ ۽ پرارٿنائون ڪرڻ سان ڀڳتي پئي ڪندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

36 आशेर जे कुलअ में हन्नाह नाले जी हिकअ भविष्यवक्‍तिन हुई, जेकी फनूएल जी धीअ हुई। उहा डा॒ढी बु॒ढी हुई ऐं शादी थ्यण खां पो खाली सतन सालन ताईं पांजे घोटअ सां गड॒ रही सगी॒ हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:36
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لياہ چيو تہ ”آءٌ ڀلي ڀاڳ واري آهيان. هاڻ عورتون مون کي ڀلي ڀاڳ واري ڪري ڪوٺينديون.“ سو انهيءَ جو نالو آشر رکيائين.


تڏهن خلقياہ ڪاهن، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.


تون وڏي عمر ماڻي پوءِ وڃي قبر ۾ پوندين، هائو، ائين ئي جيئن ان جا گڏا پنهنجي پوري وقت تي گڏ ڪبا آهن.


اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.


تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف


جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“


اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ ٻانهي توڙي ٻانهيءَ تي بہ پنهنجو روح نازل ڪندس، سي بہ منهنجو پيغام ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجا آهن.


انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون.


جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بي‌حرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پاڪ روح جي ڏنل نعمتن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو.


تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.


رنن‌زالن جي فهرست ۾ انهيءَ رن‌زال جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار ٿي رهي هجي.


پنجون ڪُڻو بني آشر جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو.


آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،


انهن ڏينهن ۾ دبورہ نالي هڪڙي نبياڻي بني اسرائيل جي رهبر هئي، جيڪا لفيدوت جي زال هئي.


القانہ کي ٻہ زالون هيون، جن مان هڪڙيءَ جو نالو حنہ ۽ ٻيءَ جو نالو فننہ هو. فننہ اولاد واري هئي، مگر حنہ کي ڪو اولاد ڪونہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ