Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 यरूशलेम में हिक शमौन नाले जो मांणू रवंदो हो। उहो धर्मी ऐं भक्‍त हुयो; उहो बेसब्रीअ सां इज़राएल जे छुटकारे जे इंतज़ारअ में हो ऐं पवित्र आत्मा उन जे मथां हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:25
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“


اسان جو خدا فرمائي ٿو تہ ”تسلي ڏيو، منهنجي قوم کي تسلي ڏيو.


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين. موسيٰ ۾ جيڪو روح هو تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ستر اڳواڻن ۾ وڌائين. جڏهن انهن ۾ روح آيو تڏهن هو نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


پر موسيٰ وراڻيس تہ ”تو کي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي بہ نازل ڪري.“


تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.


جيئن ئي اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


يحيٰ جو پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ


اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو.


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


ان وقت دنيا جي هر هڪ ملڪ مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا.


تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ خدا توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري.


خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو.


هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ