Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اوچتو ريڍارن کي انهيءَ ملائڪ سان گڏ ٻين ملائڪن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ اوچتو ئي انهي ملائڪ سان گڏ آسماني لشڪر جو هڪڙو ڪٽڪ خدا جي واکاڻ ڪندو، ۽ هيئن چوندو ڏسڻ ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اوچتو ريڍارن کي انهيءَ دوت سان گڏ ٻين دوتن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايشور جي مهما ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

13 उन हीं वक़्त हुन स्वर्ग॒दूतअ सां गड॒ बि॒या बी घणाहीं स्वर्ग॒दूतअ परमेश्वरअ जी स्तुति कंदे ऐं इंय चवंदे उनन खे डि॒सण आया,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن.


تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


اي انهيءَ جا آسماني لشڪرؤ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، اي انهيءَ جا سڀيئي ملائڪؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.


خداوند پنهنجي بي‌شمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو.


پوءِ خدا جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن مون پنهنجي پٺيان هڪڙي وڏي گجگوڙ وارو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”مٿي آسمان ۾ خداوند جي جلال جي واکاڻ ڪريو.“


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ