Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:44 - Muslim Sindhi Bible

44 اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 ۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن ايشور تو کي بچائڻ لاءِ تو تي ڪرپا جي نظر ڪئي هئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

44 उहे तोखे ऐं तोमें रवण वारन खे मिट्टीअ में मिलाए छडीं॒दा ऐं तोमें हिक पथरअ ते पथर बी रवण न डी॒ंदा; छोके तो उन वक़्तअ खे न सुञातो तई जड॒ऐं परमेश्वर तोखे बचाएण जे लाए कृपा जी नज़रअ कई हुई।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِ⁠جو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:44
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اهي سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان جي ٻارن کي کڻي زور سان ٽڪر تي هڻندا.


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


آءٌ انهيءَ جي چوڌاري گھيرو ڪندس، ۽ ان جي چئني طرفن کان دِڪا ٻڌي مٿس حملي جي تياري ڪندس.


هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سزا واري مقرر ڪيل وقت تي عنتوت وارن مٿان آفت نازل ڪندس.“


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“


”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي واکاڻ جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس مِهر جي نظر ڪئي آهي.


بيشڪ اسان جو خدا نهايت رحيم آهي. هو عرش عظيم واري صبح جي روشني اسان تي نازل ڪندو،


۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.


”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“


غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ