Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:42 - Muslim Sindhi Bible

42 ۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 ۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 ۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي شانتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

42 ऐं चवण लगो॒, “केडो॒ त सुठो हुजे आं के तूं, हा तूं, अगर अज॒ जे डी॒ंहं खे समझी सगी॒ं आं, के तुंजी शांति केड़िन गा॒ल्युन में आहे! परअ हाणे इहे गा॒ल्यूं तुंजी अखियुन खां लिक्यल आइन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 ۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:42
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح هر ڪنهن نيڪ بندي کي تنگيءَ جي وقت تي تو کان دعا گھرڻ کپي، تڏهن تڪليفن جو وڏو سيلاب بہ انهن تائين پهچي ڪين سگھندو.


ڪاش، اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي ٻڌو. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ئي واٽن تي هلو.


اهڙا ماڻهو بي‌وقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا.


اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن خدا تو کي بچائڻ لاءِ تو تي مِهر جي نظر ڪئي هئي.“


خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.


شل هنن ۾ هميشہ اهڙي دل هجي، جو هو منهنجو خوف ڪندا رهن ۽ منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهن، تہ هنن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.


پر جيستائين خدا جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي.


جيئن بني اسرائيل کي چيو ويو آهي تہ ”اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوهان مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل ڪيو هو.“


سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ