Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:31 - Muslim Sindhi Bible

31 عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ ابنِ آدم بابت جيڪي ڳالهيون نبين جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منش‌پتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

31 येशुअ पांजे बा॒रहन हीं प्रेरितन खे अलग वठी वञी करे चयईं, “डि॒सो, असां यरूशलेम हली रया आयूं ऐं उते जेतरियूं बी गा॒ल्यूं मांणूअ जे पुटअ जे बारे में भविष्यवक्‍ताउन जे तरफां लिखियूं वयूं आइन उहे सब पूरियूं थींदियूं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابن⁠آدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


اهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا. پوءِ عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني


عيسيٰ وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.


عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاري.“


جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ