Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:19 - Muslim Sindhi Bible

19 عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ نيڪ تہ ڪوبہ ڪونهي، سواءِ هڪڙي جي، يعني خدا جي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 يسوع چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 येशुअ उन खे चयईं, “छा कारण आहे, के तूं मुखे नेक तो चईं? छोके परमेश्वरअ खां सिवाए कोई बी नेक कोने।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟


تہ پوءِ ڪو انسان ڪيئن ٿو پاڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري سگھي؟ ڇا ڪو خدا جي نظر ۾ سچار ۽ پاڪ آهي؟


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


هڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ