Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آسمان ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنهگار تي رحم ڪر.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آڪاش ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي ايشور! مون پاپيءَ تي ديا ڪر.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

13 उहो महसूल उगा॒ड़ींदड़ थोड़ो परते बीठो हो ऐं उन जी एतरी बी हिम्मतअ न थी, के उहो स्वर्ग॒अ जी तरफ डि॒से। उहो पांजी छाती पिटींदे इंय चवण लगो॒, ‘हे परमेश्वरअ, मूं पापीअ जे मथां दया कर!’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:13
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


هن پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر خداوند اڳيان عاجزي نہ ڪئي، بلڪ گناهن مٿان گناهہ ڪندو رهيو.


دعا گھريم تہ ”اي منهنجا خدا! آءٌ شرمندو آهيان، اي منهنجا خدا! آءٌ تو ڏانهن پنهنجو منهن کڻڻ کان لڄي ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گناهہ وڌي اسان جي ڳاٽ کان بہ مٿي ٿي ويا آهن ۽ اسان جون خطائون وڃي آسمان سان لڳيون آهن.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


بيشڪ اسان پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ڏوهہ ڪيا آهن، هائو، اسان گناهہ ڪيا آهن، اسان بڇڙائي ڪئي آهي.


اي خداوند! پنهنجيون رحمتون نازل ڪر، ۽ پنهنجي واعدي موجب مون کي بچائي وٺ.


اي بني اسرائيل وارؤ! پنهنجو ڀروسو خداوند تي رکو، ڇوجو هن وٽ دائمي ٻاجھہ ۽ جھجھو ڇوٽڪارو آهي.


اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.


آءٌ دعا ٿو گھران تہ ”اي خداوند! بيشڪ مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، پر تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي شفا بخش.“


جڏهن سڀيئي ماڻهو ڪڪر جو ٿنڀو تنبوءَ جي در تي بيهندو ڏسندا هئا تہ سمورا ماڻهو پنهنجي پنهنجي خيمي جي در تي ئي انهيءَ کي سجدو ڪندا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون.


فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي،


”جڏهن اوهين دعا گھرو تڏهن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اهي عبادت‌خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي دعا گھرندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“


جڏهن هو هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي هو تہ ڏهہ ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا اچي گڏيس. انهن ڪجھہ پرڀرو بيهي


پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ


جيڪي ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، سي هي ڏسي پنهنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانهن موٽيا.


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.


هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ عيسيٰ مسيح گنهگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو گنهگار آءٌ آهيان.


تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان خدا جي فضل واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي اهو فضل عطا ڪري جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.


انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ