Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاهي ڪڏهن ايندي؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ فريسين پڇيس، تہ خدا جي بادشاهت ڪڏهن ايندي؟ تن کي جواب ڏيئي چيائين، تہ خدا جي بادشاهت ڪنهن جي ڏسندي نٿي اچي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڪن فريسين يسوع کان پڇيو تہ ”ايشور جو راڄ ڪڏهن ايندو؟“ هن ورنديءَ ۾ چين تہ ”ايشور جي راڄ جي اچڻ جي ڪا ظاهري نشاني نہ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

20 हिक डीं॒ह फ़रीसिन येशुअ खां पुछो, के परमेश्वरअ जो राज॒ कड॒ऐं ईंदो, इन ते येशुअ उनन खे चयईं, “परमेश्वरअ जो राज॒ कुछ एड़ो कोने, के उन खे इन अखियुन सां डि॒सी सग॒जे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڪڏھن ايندي؟“ ھن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاھت ايندي ڪنھن کي ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘


هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جي شريعت توڙي ٻين نبين جون لکتون يحيٰ جي وقت تائين لاڳو رهيون. تنهن کان پوءِ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٿيڻ لڳي ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.


جيئن تہ عيسيٰ يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿي خدا جي بادشاهي ظاهر ٿئي. تنهن تي عيسيٰ هڪڙو مثال ڏيندي


عيسيٰ وراڻيو تہ ”منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي. جيڪڏهن اها هن دنيا جي هجي ها تہ جيڪر منهنجا خدمتگار منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ