Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هو عيسيٰ جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هن جي پيرين پئي سندس شڪرانا بجا آندائين: ۽ هو سامري هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 هو يسوع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 उहो येशुअ जे पेरन ते मुंहं भर किरी हुन जो धन्यवाद करण लगो॒; ऐं हू हिक सामरी हुयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ


انهن ٻارهن رسولن کي عيسيٰ روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو،


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


هاڻي جڏهن ان عورت سمجھيو تہ هوءَ تندرست ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين.


تنهن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏهہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آهن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آهن؟


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


تنهن تي انهيءَ عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.


تڏهن انهن يهودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ


اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي بزرگ منهن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ