Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 इन ते अब्राहमअ उन खे चयो, “हे पुटअ, याद कर तूं पांजे जीवनअ में सदाहीं एशो-आरामअ सां रयो आईं ऐं लाज़र सदाहीं पीड़ाउन ऐं तकलीफुन में रयो आहे, परअ हाणे उहो हिते शांतिअ में आहे ऐं तूं उते पीड़ा में तड़पी प्यो तो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 پر ابراھيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنھنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل ھيون، پر لعزر کي خراب شيون. ھاڻي ھو ھتي مزن ۾ آھي ۽ تون عذاب ۾ آھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:25
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ خدا ئي سندن گھر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا. پر آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي بلڪل پري ٿو رکان.


اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.


دنيا جهان جي آخر تائين قبرون ئي انهن جا گھر هوندا، بلڪ اهي پيڙهي بہ پيڙهي انهن منجھہ رهندا، جيتوڻيڪ ڪنهن وقت هو زمينن جا مالڪ هئا.


انهن جي دلين مان بڇڙايون وهي نڪرن ٿيون، ۽ انهن جا دماغ بڇڙن منصوبن ۾ رُڌل رهن ٿا.


يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.


سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو.


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


جيڪڏهن تنهنجو پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو پير ڪپي ڇڏ، ڇو تہ دوزخ ۾ ٻنهي پيرن سان داخل ٿيڻ کان اهو بهتر آهي تہ دائمي زندگيءَ ۾ منڊو وڃين.


لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو.


هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.


انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘


پر مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي دولتمند آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين آرام وٺي چڪا.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي تي لعنت پوندي.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين ايمان وارا ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون.


انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين گناهہ جا مزا ماڻڻ بدران هن خدا جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.


نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انهن شين سان جيڪي دنيا جون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي دنيا سان پيار آهي تہ انهيءَ ۾ خدا پيءُ جو پيار ڪونہ آهي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ