Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 يسوع مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 हिक शाहूकार मांणू हो। उहो डा॒ढा-कीमती कपड़ा पाईंदो ऐं सदाहीं एशो-आरामअ सां रवंदो हो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


عقلمندن کي سندن ڏاهپ دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بي‌عقل وڌيڪ بي‌وقوف ٿيو وڃن.


هوءَ پنهنجي گھر لاءِ رلهيون جوڙي ٿي، ۽ عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا پهريل رهي ٿي.


ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.


اهڙيءَ طرح تو کي سون ۽ چانديءَ سان سينگاريم. تو هميشہ عمدي ۽ قيمتي ڪپڙي جي پوشاڪ پاتي، جنهن تي ڀرت جو ڪم ٿيل هو. تو عمدي ميدي واري ماني، ماکي ۽ زيتون جو تيل پئي کاڌو. تون ڄڻ تہ ڪا شهزادي ٿي پئينءَ جيڪا تمام خوبصورت هجي.


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


تنهنجو سِڙهہ سنهي عمدي سڻيءَ جي ڀرت ڀريل ڪپڙي جو هو، جيڪو مصر مان آندو ويو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهو تنهنجي واسطي جھنڊي جو ڪم ڏئي. تنهنجو شاميانو عمدي ڪپڙي جو ۽ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جيڪو قبرص ٻيٽ مان آندو ويو هو.


انهن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس.


جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘


ڏسو، شريعت موجب جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“


لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو.


انهيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو.


چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اها وڏي وسندي جيڪا سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي پوشاڪ پهريندي هئي ۽ سون، هيرا جواهرات ۽ موتين سان سينگاريل هوندي هئي،


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ رن‌زال نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


اهي سونيون واليون جيڪي هن گھريون هيون تن جو وزن اٽڪل ويهہ ڪلوگرام ٿيو، سواءِ انهن نئين چنڊ جي شڪل وارن پنڙن، ٻين زيورن ۽ واڱڻائي پوشاڪن جي، جيڪي مديانين جي بادشاهن کي پهريل هيون ۽ انهن زنجيرين جي جيڪي انهن جي اٺن جي ڳچيءَ ۾ پيل هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ